جاپان جي شهزادي محبت لاءِ بادشاهي ڇڏي ڏني

ٽوڪيو: توهان محبت جا قصا ته گهڻا ئي ٻڌا هوندا جن ۾ عورت يا مرد پنهنجي محبت حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيتريون تڪليفون برداشت ڪندا آهن، ڪجهه ماڻهن جو خيال هوندو آهي ته دولت جي هجڻ سان محبت جو ملڻ سولو هوندو آهي جيڪڏهن دولت ناهي ته محبت ۾ رڳو بيوفائي ئي نصيب ٿئي ٿي ۽ اهڙي خيال ڪجهه جاين تي ثابت به ٿيندو رهندو آهي پر اڄ اسان توهان کي جنهن خبر جي باري ۾ ٻڌائينداسين جنهن مان اهو ثابت ٿي ويندو ته دولت محبت ۾ رنڊڪ يا دولت جي ڪري محبت حاصل نٿي ڪري سگهجي محبت ته قسمت سان ملندي آهي.
جاپان جي شهزادي ماڪو 26 آڪٽوبر تي پنهنجي ڪاليج جي دوست ڪِي ڪو مورو سان شادي ڪندي جنهن جي ڪري هن بادشاهي به ڇڏي ڏني ۽ وڏي رقم کي ٿڏي ڇڏيو.
عالمي خابرو اداري موجب جاپان جي شهنشاهه نارو هتيو جي 29 سالن جي ڀاڻيجي شهزادي ماڪو کي ڪاليج ۾ پنهنجي دوست سان محبت ٿي وئي هئي ۽ ٻنهي ڄڻن 2017 ۾ مڱڻي ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو جنهن کانپوءِ ڪو مورو قانون جي تعليم حاصل ڪرڻ جي لاءِ نيويارڪ هليو ويو هو.
ان دوران ٻنهي تي شديد دٻاءَ ۽ تنقيد سان منهن ڏسڻو پيو جڏهن ته هاڻي ڪو مورو پنهنجي تعليم مڪمل ڪري جاپا واپس اچي ويو آهي ۽ ٻنهي ڄڻن 26 آڪٽوبر تي هڪ ٿيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ڪو مورو جا قرنطينا جا ڏينهن پورا ٿيڻ کانپوءِ جوڙو 22 آڪٽوبر تي هڪ پريس ڪانفرنس ۾ پنهنجي شادي جو باضابطا اعلان ڪندو.
ٻنهي ڄڻن پنهنجي مڱڻي جو اعلان به هڪ پريس ڪانفرنس ۾ ئي ڪيو هو جنهن دوران ٻنهي جي چهرن تي خوشي ۽ کِل سڀني جون دليون کٽي ورتيون هيون، جڏهن ته شهزادي جي سَس جو هڪ مالي تڪرار سامهون آيو جنهن جي ڪري شاهي خاندان گهڻو ڏکارو ٿيو هو.
شهزادي جي سَس جي مالي اسڪينڊل جي ڪري جوڙي کي ملندڙ عوامي حمايت ۾ به گهٽتائي آئي هئي تنهن باوجود به جوڙي جي وچ ۾ ويڇا پيدا نه ٿي سگهيا پر شادي دير جو سبب بڻبي رهي.
شهزادي ماڪو کي روايت پسند ۽ شاهي پابندين ۾ ٻڌل خاندان ۾ پسند جي شادي ڪرڻ واري دليراڻي فيصلي کي به گهڻي شهرت نه ملي، شهزادي کي ان شادي جي ڪري شاهي خاندان ڇڏڻو پئجي رهيو آهي.
بادشاهي ۽ مختلف اعزاز ڇڏڻ کانسواءِ راڻي ماڪو شاهي خاندان طرفان ملندڙ وڏي رقم 15 ڪروڙ به ٿڏي ڇڏيا آهن، هوءَ پنهنجي زندگي جي شروعات نيويارڪ کان ڪندي.
جوڙي شادي جي تقريب تمام سادگي سان ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ ٿورا ماڻهو تقريب ۾ گهرايا ويندا جنهن جي ڪري ضيافت ۽ ٻيون رسمون به ادا نه ڪيون وينديون.
پرڏيهي خابرو ايجنسي شاهي طبيبن جي حوالي سان دعويٰ ڪئي هئي ته تازو ئي شهزادي ۾ ذهني دٻاءُ جو شڪار هئي ۽ ٽراما ۾ هئي جنهن کانپوءِ شاهي خاندان شادي جي لاءِ حامي ڀري ورتي جڏهن ته شهزادي هاڻي شاهي خاندان جو حصو نه رهندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔