يوٽيوب جي 10 ڪروڙ ڊالرن جي پراجيڪٽ ۾ وڌيڪ 30 ملڪ شامل

يوٽيوب پنهنجي شارٽس وڊيوز کي ٽڪ ٽاڪ جي برابر آڻڻ لاءِ وڌيڪ 30 ملڪن جي يوٽيوبرز لاءِ ڏهه ڪروڙ ڊالرن جي گڏيل رقم فراهم ڪندو.
يوٽيوب جي چيف پروڊڪٽ آفيسر موجب شارٽس فنڊ هاڻ دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن لاءِ آهي جنهن تحت انفرادي چئنل جي 100 کان 10 هزار ڊالرن تائين جي مدد ڪئي ويندي.
يوٽيوب انتظاميا جو چوڻ آهي ته يوٽيوبرز کي ماهوار بنيادن تي واڌو بونس رقم ادا ڪئي ويندي پر ان جو دارومدار اوهان جي ملڪ ۽ چئنل کي هٿي ڏيڻ تي آهي.
يوٽيوب هر مهيني هزارين يوٽيوبرز سان پاڻ رابطو ڪندو، جن جا شارٽس وڌيڪ مشهور هوندا انهن کي سندن ڪمايل رقم بابت آگاهه ڪيو ويندو.
پر انهن 30 ملڪن ۾ پاڪستان شامل نه آهي، ٻين ملن ۾ ڀارت، الجيريا، ارجنٽينا، بحرين، چلي، ڪولمبيا، مصر، فن لينڊ، جرمني، هانگ ڪانگ، عراق، اردن، ڪويت، لبنان، ميڪسيڪو، مراڪش، نائجيريا، ناروي، فلپائن، روس، پولينڊ، سعودي عرب، سنگاپور، سويڊن، ڏکڻ آفريقا، تائيوان، ترڪي، برطانيا ۽ ويٽنام شامل آهن.
سڀ کان اڳ مختصر وڊيوز ٺاهڻ جو ٽرينڊ ٽڪ ٽاڪ ايپ پيش ڪيو هو، جنهن کان انسٽاگرام ۽ سنيپ چيٽ به ان قسم جو فيچر متعارف ڪرايو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔