ڊنمارڪ ۾ 51 سال پراڻي ناياب آڊيو ڪيسٽ هڪ ڪروڙ رپين ۾ نيلام

ڊنمارڪ ۾ 51 سال پراڻي ناياب آڊيو ڪيسٽ هڪ ڪروڙ رپين ۾ نيلام ڪئي وئي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ڊنمارڪ جي راڄڌاني ڪوپن هيگن ۾ برطانوي گلوڪار ۽ پاپ بينڊ بيٽل جي باني جان لينن ۽ سندس زال جي انٽرويو جي 51 سال پراڻي ناياب ڪيسٽ نيلامي لاءِ پيش ڪئي وئي، برون راسميوسين آڪشينيئر نالي نيلام گهر ۾ ڪيسيٽ سان گڏ اسڪول نيوز پيپر جو هڪ پراڻو پرچو ۽ 29 ٻيون تصويرون به نيلامي لاءِ رکيون ويون هيون.
جان لينن ۽ سندس زال يوڪو اونو جو 33 منٽن تي ٻڌل اهو انٽرويو 5 جنوري 1970 ۾ ڪارسٽن هوئيجن ۽ سندس ساٿين ورتو هو، انٽرويو جي پڄاڻي تي جان لينن عالمي امن بابت ڳايل 2 گيت گيو پيس اي چانس(امن کي هڪ موقعو ڏيو) ۽ ريڊيو پيس(امن جو ريڊيو) به ٻڌايا هئا جيڪي هن 1969 ۾ هالينڊ جي هڪ ريڊيو اسٽيشن لاءِ ترتيب ڏنا هئا پر اهي گانا ڪڏهن به رليز نه ٿيا هئا، واضح رهي ته 1970 واري ڏهاڪي ۾ آمريڪا ۽ اڳوڻي سوويت يونين وچ ۾ سرد جنگ عروج تي هئي جڏهن ته ويٽنام تي آمريڪا جي چڙهائي کي به 5 سال مڪمل ٿي چڪا هئا. جان لينن جو اهوانٽرويو رڪارڊ ڪرڻ لاءِ ڪارسٽن هوئيجن هڪ مقامي هائي فائي شاپ تان ٽيپ ريڪارڊر پڻ ڪرائي تي ورتو هو، نيلامي کان اڳ اها ڪيسيٽ 47 هزار ڊالر تان وڪرو ٿيڻ جو ڪاٿو لڳايو ويو پر هڪ شوقين 58 هزار ڊالر ٻولي لڳائي اها ڪيسيٽ خريد ڪري ورتي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔