پي سي بي چيئرمين رزاق ۽ باسط علي سميت 6 صوبائي ڪوچز کي فارغ ڪرڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو

لاهور: پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين رميز راجا صوبائي ٽيمن جي ڪوچز جي ڪارڪردگي عدم اطمينان جو اظها ڪندي کين مستقبل ۾ ڪنهن به قسم جي اميد نه رکڻ کان آگاهه ڪري ڇڏيو.
مصباح الحق ۽ وقار يونس، چيف ايگزيڪٽو وسيم خان جي استعيفيٰ کان پوءِ نئين چيئرمين پي سي بي رميز راجا 6 صوبائي ٽيمن جي ڪوچز سليڪٽرن کي به موڪل ڏيڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو.
ذريعن موجب پي سي بي چيئرمين رميز راجا 6 صوبائي ٽيمن جي ڪوچز ۽ سليڪٽرن سان ورچوئل ميٽنگ ڪئي جنهن ۾ سنڌ جي ڪوچ باسط علي، بلوچستان جي ڪوچ فيصل اقبال، ڪي پي ڪي جي عبدالرحمان، سدرن پنجاب جي شاهد انور ۽ نادرن پنجاب جي اعجاز احمد جونيئر شرڪت ڪئي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته رميز راجا کين مستقبل ۾ ڪنهن به قسم جي اميد نه رکڻ کان آگاهه ڪندي واضح ڪيو ته سليڪشن ۽ ڪوچنگ ۾ هنن جو مستقبل شايد نه هجي، روايتي ۽ پراڻو انداز هاڻ نه هلي سگھندو.
ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته رميز راجا ڪوچز کي سڌو پيغام ڏيندي چيو ته هاڻ سڀ ڪجهه تبديل ٿيڻ پيو وڃي ڇو ته هو سندن ڪارڪردگي مان مطمئن نه آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔