افغانستان جو آمريڪا کان هوائي پيٽرولنگ بند ڪرڻ جو مطالبو

ڪابل: افغان حڪومت آمريڪا کان افغانستان جي هوائي حدن ۾ ڊرونز جي پيٽرولنگ روڪڻ جو مطالبو ڪيو آهي.
امارات اسلامي جي اختيارين چيو آهي ته آمريڪي ڊرونز افغانستان جي مقدس هوائي حدن ۾ حملا ڪري رهيا آهن ۽ اهڙين ڀڃڪڙين جي اصلاح روڪٿام ٿيڻ گهرجي.
افغان ميڊيا امارات اسلامي افغانستان جي حوالي سان رپورٽ ڏني آهي جنهن موجب اختيارين چيو آهي ته عالمي قانونن تحت ملڪ پنهنجي رياستن جي علائقائي ۽ هوائي خودمختاري جا واحد مالڪ آهن ۽ امارات اسلامي افغانستان جي زمين ۽ هوائي حدن جي مالڪ آهي.
هنن چيو ته آمريڪا سڀني عالمي قانونن ۽ امارات اسلامي سان ڪيل واعدن جون ڀڃڪڙيون ڪيون آهن، سڀ ملڪ خاص ڪري آمريڪا ناڪاري نتيجن کي روڪڻ لاءِ عالمي قانونن ۽ واعدن تي عمل ڪن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔