آمريڪا تي القاعدا جي حملي جو خطرو

واشنگٽن: آمريڪا جي جوائنٽ چيفس چيئرمين جنرل مارڪ ملي خدشو ظاهر ڪيو آهي ته القاعدا ايندڙ هڪ سال ۾ ٻيهر منظم ٿي آمريڪا تي حملو ڪري سگهي ٿي.
آمريڪي سينيٽ ۾ سوالن جا جواب ڏيندي جنرل مارڪ ملي چيو ته طالبان اڃا تائين القاعدا سان لاڳاپا ختم ناهن ڪيا.
هن واضح ڪيو ته چين کي جنگ نه ڪرڻ بابت فون ڪال قانون موجب ڪئي هئي، ان وقت جي بچاءَ واري سيڪريٽري مارڪ ايسپر پنهنجي چيني هم منصب کي فون ڪرڻ لاءِ چيو هو، مان جنهن وقت چيني هم منصب کي فون ڪئي، ان وقت 8 ٻيا ماڻهو به موجود هئا.
سندس وڌيڪ چوڻ هو ته اڳوڻي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چين تي حملي جو ڪو ارادو نه پئي رکيو ۽ مون کي ذميواري ڏني وئي هئي ته چين کي آمريڪي صدر جي ارادي کان آگاهه ڪيان.
جنرل مارڪ ملي چيو ته مان فون ڪال ڪري پنهنجا اختيار نه اورانگهيا ۽ جيڪو ڪجهه ڪيو، اهو قانون جي دائري ۾ رهي ڪيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔