پاڪستان جو ٻاهريون قرض 122 ارب ڊالرن کان وڌيڪ هجڻ جو انڪشاف

اسلام آباد: قومي اسيمبلي جي اقتصادي معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس دوران پاڪستان جو ٻاهريون قرض 122 ارب ڊالرن کان وڌيڪ هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.
مير خان محمد جمالي جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ اقتصادي معاملن بابت ايڊيشنل سيڪريٽري ذوالفقار حيدر ڪميٽي کي پاڪستان جي ٻاهرين قرض ۽ ڊالر جي قدر سان پوندڙ اثرن ۽ ٻين معاشي معاملن تي بريفنگ ڏني.
بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته جون 2018 ۾ پاڪستان جو ڪُل ٻاهريون قرض 96 ارب ڊالر هو، 3 سالن دوران ٻاهرين قرض ۾ 26 ارب ڊالرن جي واڌ ٿي، ائين پاڪستان جي ٻاهرين ادا ڪرڻ جوڳي قرض جو ڪاٿو 122 ارب 44 ڪروڙ ڊالرن کان وڌيڪ آهي.
ذوالفقار حيدر موجب پئرس ڪلب جو ڪُل قرض 3 ارب 78 ڪروڙ 50 لک ڊالر آهي، جنهن ۾ 2 ارب 97 ڪروڙ ڊالرن کان وڌيڪ قرض ۽ 81 ڪروڙ 40 لک ڊالر وياج جي شرح آهي، ڪورونا سبب پئرس ڪلب طرفان قرضن تي رليف ڏنو ويو.
ڪميٽي ميمبر قيصر احمد شيخ پڇاڻو ڪيو ته رليف جڏهن ڏنو ويو، ان وقت ڊالر اڄ کان 50 رپيا سستو هو، اسان کي نئين ايڪسچينج ريٽ موجب ادائيگي ڪرڻي پوندي، ان سان پاڪستان جو نقصان ٿيو.
اقتصادي معاملن بابت سيڪريٽري اسد حياءُ الدين ٻڌايو ته عالمي مالياتي ادارن طرفان 124 منصوبن لاءِ 22 ارب 37 ڪروڙ ڊالرن کان وڌيڪ قرض ورتو ويو آهي، ڪورونا دوران اقتصادي معاملن جي ڊويزن 4.1 ارب ڊالرن جي قرض جو انتظام ڪيو، 65 ڪروڙ 30 لک ڊالرن جي ويڪسين جي خريداري ڪئي.
عائشا غوث پاشا چيو ته آءِ ايم ايف سان حڪومت جي ڪيل واعدي موجب 172 يا 174 رپئي جو ڊالر رکڻو آهي، ايندڙ اجلاس ۾ اسان کي ٻڌايو وڃي ته رپئي جي قدر ۾ گهٽتائي سان ڪهڙا نقصان ٿيا، اجلاس ۾ ناڻي واري وزارت ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جون اختياريون به موجود هونديون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔