محمد حفيظ تي ڊينگي وائرس جو حملو

لاهور: قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو تجربي ڪار آل رائونڊر محمد حفيظ ڊينگي وائرس جو شڪار ٿي ويو.
محمد حفيظ گذريل هفتي گيسٽرو وائرل سبب فوڊ پوائزننگ جو شڪار ٿيو هو، جنهن سبب هو اسلام آباد کان لاهور واپس ويو هو ۽ نيشنل ٽي ٽوئنٽي ڪپ جو پهريون مرحلو نه کيڏي سگهيو هو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته محمد حفيظ لاهور پهچي پنهنجون سموريون ٽيسٽون ڪرايون، جنهن کانپوءِ ان ۾ ڊينگي بخار جي سڃاڻپ ٿي.
ذريعن موجب محمد حفيظ جا ٻه ڏينهن اڳ پليٽيليٽس تمام گهٽ هئا پر هاڻ ان جا پليٽيليٽس بهتر ٿي رهيا آهن ۽ سندس طبعيت ۾ بهتري اچي رهي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔