عمر شريف علاج لاءِ ايئرايمبولينس ذريعي آمريڪا روانو

ڪراچي: مشهور پاڪستاني مزاحيه اداڪاره عمر شريف کي علاج جي لاءِ ايئرايمبولينس جي ذريعي آمريڪا روانو ڪيو ويو آهي. سندس گهر واري زرين غزل به ايئرايمبولينس ۾ ان سان گڏ آهي. جڏهن ته ٻيا 3 گهر ڀاتي نجي اڏام ذريعي آمريڪا روانا ٿيندا.
اداڪار عمر شريف دل ۽ ٻين مختلف بيمارين ۾ مبتلا آهي هو گذريل ڪيترن هفتن کان ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ علاج هيٺ هو. سندس علاج جي لاءِ سنڌ حڪومت طرفان 4 ڪروڙ روپين جي رقم جاري ڪئي وئي هئي. کيس اڄ صبح جو ايمبولينس ۾ ڪراچي جي نجي اسپتال کان ڪراچي ايئرپورٽ جي جناح ٽرمينل پهچايو ويو. عمر شريف کي علاج جي لاءِ آمريڪي گادي واري شهر واشنگٽن پهچايو پيو وڃي. جتي مشهور پاڪستاني اداڪاره ريما خان جو مڙس ۽ مشهور دل جو ماهر ڊاڪٽر طارق شهاب ان جي علاج لاءِ جارج واشنگٽن يونيورسٽي اسپتال ۾ سمورا انتظام ڪري رکيا آهن.
عمر شريف جي آمريڪا منتقلي ۽ سندس گهر ڀاتين جي ويزا جي لاءِ به ڊاڪٽر طارق شهاب ڀڄ ڊڪ ڪئي آهي. عمر شريف کي وٺڻ جي لاءِ ايئر ايمبولينس سومر تي پاڪستان پهتي هئي. ايئرايمبولينس جي اڏام آءِ ايف اي 1264 اڄ ڪراچي جي جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ کان ٻنپهرن جو ٽيڪ آف ڪيو هو. ايئرايمبولينس ٽن مختلف ملڪن ۾ اسٽاپ ڪندي آمريڪا پهچندي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔