جرمني جون چونڊون: سوشل ڊيموڪريٽس اينجلا مرڪل جي پارٽي کي هارائي ڇڏيو

ڪراچي: جرمني جي وفاقي چونڊن جي ابتدائي نتيجن موجب کاٻي ڌر جي اعتدال پسند سوشل ڊيموڪريٽڪ پارٽي اڳوڻي چانسلر انجيلا مرڪل جي پارٽي کي سخت مقابلي کانپوءِ شڪست ڏئي ڇڏي آهي. سوشل ڊيموڪريٽس 25.7 سيڪڙو ووٽ حاصل ڪيا ، جڏهن ته قدامت پسند حڪمران ڪرسچن ڊيموڪريٽڪ يونين 24.1 سيڪڙو ووٽ حاصل ڪيا. گرين پارٽي پنھنجي پارٽي جي تاريخ ۾ ڪامياب ترين نتيجو حاصل ڪيو آھي ۽ 14.8 سيڪڙو ووٽن سان ٽئين نمبر تي آھي. هاڻ حڪومت ٺاهڻ لاءِ اتحاد جي ضرورت پوندي. ان کان اڳ سوشل ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي اڳواڻ اولاف شولز چيو ته سندس پارٽي کي حڪومت ٺاهڻ جو واضح مينڊيٽ آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔