تحفا ڏيندڙعرب حڪمران نالا ظاهر ڪرڻ مناسب نٿا سمجھن: فواد چوڌري

اسلام آباد: سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته تحفا ڏيڻ وارا عرب حڪمران نالا ظاهر ڪرڻ مناسب نٿا سمجهن. نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي فواد چوڌري جو چوڻ هو ته بلدياتي چونڊون نه ڪرائڻ پي ٽي آءِ حڪومت جي سڀ کان وڏي ناڪامي آهي، شهبازشريف دورجي بلدياتي ادارن جي بحالي ٽيڪنيڪي طور تي ممڪن نه آهي. فواد چوڌري جو چوڻ هو ته وزيراعظم عمران خان بلدياتي چونڊون ڪرائڻ چاهي ٿو پر پنجاب جو وڏي وزير عثمان بزدار بلدياتي اليڪشن جي نالي تي چڙي پوندو هو. اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينن جي حوالي سان ڳالهه ڪندي فواد چوڌري جو چوڻ هو ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين بابت اليڪشن ڪميشن جي سمجهه گهڻي نه آهي، هلندڙ مهيني ٽن مختلف تنظيمن جون چونڊون اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي ذريعي ڪرايون وينديون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔