وزيراعظم عمران خان جي سنڌ جي مامرن بابت خصوصي معاون ارباب رحيم سان ملاقات

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ياترا تي پهتل وزيراعظم عمران خان جي سنڌ جي مامرن بابت خصوصي معاون ارباب رحيم سان ملاقات، سنڌ جي مسئلن ۽ صوبي ۾ پي ٽي آءِ جي سياسي پوزيشن تي ڳالهيون ٿيون. ملاقات دوران ارباب غلام رحيم وزيراعظم کي سنڌ ۾ اهم شخصيتن سان ملاقاتن بابت بريفنگ ڏني، وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ پي ٽي آءِ جي چونڊيل نمائندن جو اجلاس به ٿيندو، اجلاس ۾ سنڌ جي صورتحال ۽ وفاقي منصوبن جو جائزو ورتو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔