عدالتون چونڊيل نمائندن خلاف درخواستون ڇو ٻڌن:اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ

اسلام آباد: اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ چيو آھي تھ عدالتون چونڊيل نمائندن خلاف درخواستون ڇو ٻڌن، عدالتي نوٽيسز سان به چونڊيل نمائندن تي اثر پوندو آهي، سياسي انجنيئرنگ جا الزام لڳايا ويندا آهن، عدالت کي سياسي مامرن ۾ مداخلت نه ڪرڻ گهرجي، مطمئن ڪريو ته عدالت چونڊيل نمائندن خلاف ڪيس ڇو ٻڌي؟ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ آصف زرداري ۽ فواد چوڌري جي نااهلي بابت درخواستن تي ٻڌڻي دوران عدالتي اختيارن بابت دليل طلب ڪري ورتا آھن. چيف جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته عدالت کي عوام جي چونڊيل نمائندن جي عزت ڪرڻ گهرجي، سمورن ادارن ۾ خود احتسابي جو نظام موجود آهي، پارليامينٽ پاڻ چونڊيل نمائندن جو احتساب ڇو نٿي ڪري؟ چونڊيل نمائندن جو احتساب ته تمام سولو آهي، پي ٽي آءِ وٽ پارليامينٽ ۾ اڪثريت آهي ته اُهي آصف زرداري خلاف عدالت ڇو آيا؟ ايندڙ ٻڌڻي تي آصف زرداري ۽ فواد چوڌري جي نااهلي ڪيس بابت فيصلو ڪيو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔