جلال محمود شاهه جي وزير اعظم عمران خان سان ملاقات، لکت ۾ ياداشت نامو پيش

ڪراچي: سيد جلال محمود شاهه جي سربراهي ۾ نائب صدر اعجاز سامٽيو، نائب صدر جڳديش آهوجا ۽ جنرل سيڪريٽري روشن علي ٻرڙو تي مشتمل سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي وفد جي وزير اعظم عمران خان سان ملاقات بعد کيس لکت ۾ هڪ ياداشت نامو پيش ڪيو ويو. جنهن ۾ کيس چيو ويو ته سنڌي قوم جي نمائيندي هئڻ جي ناتي اسين توهان کي سنڌ جي ماڻهن جا اعتراض ، خدشات ۽ تحفظات ٻڌائڻ گهرون ٿا ۽ اميد ٿا ڪريون ته اوهان جي وفاقي حڪومت اسان جي مطالبن کي سمجهندي انهن جي حل لاءِ قدم کڻندي ڪندي. ياد رهي ته سنڌ 1940ع واري قراردادِ لاهور تحت پاڪستان ۾ شامل ٿي هئي جنهن جي تحت سنڌ جي قومي وحدت جي خودمختيار حيثيت جي پاڪستان جي وفاق اندر خاطري ڪرايل هئي، پر تمام وڏي عرصي کان وٺي، سنڌ جي ڊيموگرافي کي تبديل ڪري سنڌي مقامي آبادي کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جون ڪوششون ۽ سازشون ٿينديون رهن ٿيون. ميگا رهائشي رٿائون بغير ڪنهن سماجي، ماحولياتي ۽ ڊيموگرافي جي منفي اثرات جي جاچ پڙتال جي سنڌ جي وجود جي لاءِ ڪنهن به خطري کان خالي نه آهن. پاڪستان جي آئين جو آرٽيڪل 172 ۽ 173 واضع طور تي سنڌ جي وسيلن ۽ سرزمين تي اختيارن جو حق ۽ اهي ڪنهن ٻئي کي ڏيڻ جو طريقيڪار واضع ڪري ٿو، پر افسوس جو مختلف وقتن تي وفاقي توڙي صوبائي حڪومتون قدرتي پناهھ گاهن ، ثقافتي ورثن ۽ عالمي ادارن طرفان محفوظ ڪيل علائقن کي ميگا رهائشي منصوبن ۾ تبديل ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون وڃن ٿيون. سنڌ جا ٻيٽ هجن توڙي سامونڊي پٽيءَ تي ڊيلٽا جا علائقا انهن سڀني تي مالڪي جو حق صرف سنڌ ۽ سنڌين جو آهي. سنڌ اندر پهرين ئي هڪ تمام وڏو متنازع بحريا ٽائون رهائشي منصوبو سنڌ جي زمين تي غيرقانوني والار ڪري سنڌ جي ماڻهن کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش آهي. بلڊر مافيا جي ملڪ رياض ۽ ڪرپشن جي ڪنگ آصف علي زرداري جي گڏيل رٿابندي سان سنڌ سرڪار ملير ڊيولپمينٽ اٿارٽي جي وسيلي چند سئو ايڪڙ زمين غيرقانوني طور بحريا ٽائون جي حوالي ڪئي، پر اڄ اهو منصوبو 46 هزار ايڪڙن تائين وڌي وڃڻ باوجود اڳتي ٺٽي ۽ ڄامشوري ضلعي جي حدن اندر داخل ٿي رهيو آهي. مقامي ماڻهن جي ڳوٺن کي مسمار ڪري پوليس جي ذريعي بحريا ٽائون جو انهن جي زمينن تي قبضي جو سلسلو اڄ به جاري آهي. سنڌ ايڪشن ڪميٽي جڏهن انهي خلاف احتجاج ڪيو ته سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي قيادت ۽ هزارين ورڪرن تي دهشتگردي جا 32 ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا. جنهن ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جو مرڪزي اڳواڻ سيد زين شاھ اڄ به سينٽرل جيل ڪراچي ۾ قيد آهي ۽ سنڌ پوليس پيپلزپارٽي سرڪار جي حڪم تي اڄ تائين ڪورٽ ۾ چالان پيش نه ڪري ڄاڻي واڻي معاملي کي اينگهائي رهي آهي. اسين وفاقي سرڪار کان گهر ٿا ڪريون ته سپريم ڪورٽ جي 4 مئي 2018ع واري فيصلي تحت بحريا ٽائون ڪراچي کي غير قانوني طور الاٽ ڪيل زمين جي تحقيقات ڪرائي وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔