سنڌ حڪومت پاران 19هين گريڊ جي ڪامورن جون مقرريون ۽ بدليون

ڪراچي: سنڌ حڪومت پاران 19هين گريڊ جي ڪامورن جون مقرريون ۽ بدليون ڪيون ويون آهن، جنهن تحت انيس دشتي کي ماحوليات کاتي ۾ ايڊيشنل سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي، محمد علي شاهه اقليتي معاملن واري کاتي ۾ ايڊيشنل سيڪريٽري مقرر، ذوالفقار خشڪ کي پي ڊي ايم اي ۾ پراجيڪٽ ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو، مشتاق شيخ پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ کاتي ۾ ڊائريڪٽر مقرر، جنيد حميد سمون اسڪول ايجوڪيشن کاتي ۾ ايڊيشنل سيڪريٽري مقرر، جنيد راجپوت سوشل پروٽيڪشن اسٽيٽ جي ۾ ڊائريڪٽر مقرر جڏهن ته شفيع الدين جون خدمتون وزير اعليٰ هائوس حوالي ڪيون ويون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔