ڪوئيٽا : بلوچستان جي علائقي ڪوهلو ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر زلزلي جا جھٽڪا محسوس ڪيا ويا آهن. زلزلو پيما مرڪز موجب زلزلي جي شدت 4.3 ۽ گهرائي 15 ڪيلوميٽر رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته زلزلي جو مرڪز ڪوهلو کان 40 ڪيلوميٽر اتر ۾ هو. زلزلي سبب في الحال ڪنهن به قسم جي جاني يا مالي نقصان جو اطلاع ناهي مليو.واضح رهي ته ڪوهلو ۾ گذريل ڏينهن به 3 ڀيرا زلزلي جا جھٽڪا محسوس ڪيا ويا هئا. موسميات کاتي موجب جمعي جي ڏينهن ڪوهلو ۾ صبح جو 10 وڄي 25 منٽن تي پهريون زلزلو ۽ ٻيو 10 وڄي 58 منٽن تي آيو. موسميات کاتي ٻڌايو ته جمعي جي شام جو 4 وڄي 49 منٽن تي ٽيون ڀيرو زلزلي جا جھٽڪا محسوس ڪيا ويا، ٽئين زلزلي جي شدت 5.1 ۽ گهرائي 17 ڪيلوميٽر رڪارڊ ڪئي وئي. ان کان علاوه ژوب، بارکان ۽ راکڻي ۾ به زلزلي جا جھٽڪا محسوس ڪيا ويا هئا.
تبصرے بند ہیں۔