واشنگٽن: آمريڪي نيوز ويب سائيٽ هڪ سينيئر آمريڪي عهدي دير جو حوالو ڏيندي چيو آهي ته آمريڪا ۽ ايران هڪ ٻئي تي حملا روڪڻ تي اتفاق ڪري ورتو آهي ۽ ٻنهي ملڪن هلندڙ هفتي مذاڪرات ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو آهي. آمريڪي نيوز ويب سائيٽ موجب آمريڪا ۽ ايران هرمز جي پيچري (آبناءِ هرمز) جي تڪرار کي حل ڪرڻ لاءِ اڱاري تي قطر جي گاديءَ واري شهر دوحا ۾ ملاقات ڪرڻ تي راضي ٿي ويا آهن. ان کان اڳ اعليٰ ايراني عهدي دير جو چوڻ هو ته تازو ئي آمريڪي حملن ۽ مفاهمت جي ياداشت جي شرطن جي ڀڃڪڙي تي ايران آچر تي ٿيندڙ ٽيڪنيڪل مذاڪرات ۾ حصو نه ورتو هو.
ايران پاران بحرين کي وارننگ، وڌيڪ اشتعال انگيزي تي سخت ردعمل جو چتاءُ
ايران بحرين کي سخت وارننگ ڏيندي چيو آهي ته جيڪڏهن وڌيڪ اشتعال انگيزي ڪئي وئي ته بحرين کي ايران پاران سخت ردعمل جو سامھون ڪرڻو پوندو. ايراني ميڊيا موجب سپريم ليڊر جي مشير علي اڪبر ولايتي چيو ته بحريني اختيارين کي سنجيده وارننگ ڏني پئي وڃي ته هو پنهنجي حدن ۾ رهن، پنهنجي تقدير سان نه کيڏن ۽ ايران کي سخت فيصلا ڪرڻ تي مجبور نه ڪن.
فريم ورڪ معاهدو طئي ٿيڻ کانپوءِ اسرائيلي فوج جو ٻيهر لبنان تي حملو
لبنان اسرائيل فريم ورڪ معاهدو طئي ٿيڻ کانپوءِ اسرائيلي فوج ٻيهر لبنان ۾ حملو ڪري ڏنو. اسرائيلي وزيراعظم جي آفيس مان جاري ڪيل بيان موجب اسرائيلي فوج ڏکڻ لبنان جي هڪ ڳوٺ ۾ حزب الله جو زيرِ زمين عسڪري انفراسٽرڪچر تباهه ڪري ڇڏيو آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته اسرائيل حملي کان اڳ آمريڪا کي آگاهه ڪري ڇڏيو هو، ڪارروائي ۾ 200 ميٽر ڊگهي سرنگ کي نشانو بڻايو ويو.
ايراني پاسدارانِ انقلاب پاران بحرين ۽ ڪويت ۾ 8 آمريڪي فوجي تنصيبات تباهه ڪرڻ جي دعويٰ
ايران جي پاسدارانِ انقلاب (آءِ آر جي سي) دعويٰ ڪئي آهي ته سندس فورسز آمريڪي حملن جي جواب ۾ بحرين ۽ ڪويت ۾ 8 آمريڪي فوجي تنصيبات کي نشانو بڻائي تباهه ڪري ڇڏيو.سرڪاري نشرياتي اداري آءِ آر آءِ بي موجب پاسدارانِ انقلاب جي بيان ۾ چيو ويو آهي ته انهن حملن ۾ بيلسٽڪ ميزائلن ۽ ڊرونز جو استعمال ڪيو ويو. بيان ۾ انهن ڪارروائين کي سيرڪ ۽ قشم ۾ ايراني تنصيبات تي تازو ئي ٿيل آمريڪي حملن جي جواب ۾ ڪيل جوابي ڪارروائي قرار ڏنو ويو آهي. ايراني پاسدارانِ انقلاب جو چوڻ آهي ته اهي حملا ايران جي دفاعي صلاحيت ۽ ردِعمل جو واضح مثال آهن، جڏهن ته خطي ۾ ڇڪتاڻ (ڪشيدگي) جي وڌيڪ وڌڻ جا خدشا پڻ پيدا ٿي ويا آهن.
تبصرے بند ہیں۔