فورسز جي پاڪ افغان سرحد تي ڪارروائي، 29 دهشتگرد مارجي ويا

اسلام آباد :  ملڪ ۾ دهشتگردي جي تازن واقعن کانپوءِ سيڪيورٽي فورسز پاران پاڪ افغان سرحد تي انٽيليجنس آپريشن، فتنۃ الخوارج جا 29 ڪارندا مارجي ويا28 جون تي سيڪيورٽي فورسز باجوڙ ۾ آپريشن ڪيو جنهن ۾ خارجي ڪمانڊر خان فروش عرف زابل 3 دهشتگردن سميت مارجي ويو. هنن دهشتگردن جو تعلق ڀارتي پراڪسي جماعت الاحرار سان هو.ان کان علاوه پڪتيا، پڪتيڪا ۽ ڪنڙ ۾ به ڪارروائي ڪئي وئي جنهن ۾ 25 دهشتگرد ماريا ويا. انهن مرڪزن ۾ دهشتگردن وڏي تعداد ۾ اسلحو ۽ گولا بارود به ذخيرو ڪري رکيو هو جيڪو تباهه ٿي ويو. آپريشن عزم استحڪام تحت دهشتگردن ۽ فتنۃ الخوارج خلاف پاڪستاني سيڪيورٽي فورسز جا آپريشن جاري آهن ۽ تيستائين جاري رهندا جيسين پرڏيهي پئسي ۽ حمايت سان پاڪستان ۾ دهشتگردي جون وارداتون بند نٿيون ٿي وڃن.

تبصرے بند ہیں۔