سون جي قيمت ۾ ٻيهر گهٽتائي

ڪراچي : ملڪ ۾ سون جي في تولي قيمت ۾ 2300 رپيا گهٽتائي ٿي آهي
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز موجب، سون 2,300 رپين جي گهٽتائي کان پوءِ 428,936 رپيا في تولو ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ان کان علاوه، 10 گرام سون جي قيمت 1,972 رپيا گهٽجي 3,67,743 رپيا ٿي وئي آهي.
عالمي مارڪيٽ ۾ سون جي قيمت 23 ڊالر گهٽجي 4,065 ڊالر في اونس ٿي وئي آهي.

تبصرے بند ہیں۔