اسلام آباد: آءِ ٽي وزارت پاران پاڪستان ڊيجيٽل اٿارٽي کي ملڪ جي مرڪزي ڊيٽا ريگيوليٽر اٿارٽي بڻائڻ جو فيصلو ڪري ورتو دستاويز موجب پاڪستان ڊيجيٽل اٿارٽي وفاقي ادارن ۾ ڊيٽا گورننس جي نگراني ڪندي، جنهن تحت سمورن وفاقي ادارن کي قومي ڊيٽا گورننس فريم ورڪ تي عملدرآمد يقيني بڻائڻو پوندو. تجويز ڪيل نيشنل ڊيٽا گورننس پاليسي 2026ع تحت پاڪستان ڊيجيٽل اٿارٽي کي وسيع اختيار ڏنا ويندا، پاڪستان ڊيجيٽل اٿارٽي نيشنل اوپن ڊيٽا پورٽل ۽ نيشنل ڊيٽا ايڪسچينج پليٽ فارم جي نگراني ڪندي.
تبصرے بند ہیں۔