قومي ٽيم 13 جولاءِ تي اسلام آباد مان ويسٽ انڊيز روانو ٿيندي

لاهور : هيڊ ڪوچ سرفراز احمد جي اڳواڻي ۾ قومي ڪرڪيٽ ٽيم 8 جولاءِ تي اسلام آباد ۾ رپورٽ ڪندي، اطلاعن موجب اسڪواڊ 2 ٽيسٽ کيڏڻ لاءِ 13 جولاءِ تي روانو ٿيندوقومي ”ريڊ بال“ ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪيمپ هن وقت لاهور ۾ جاري آهي، ۽ امڪان آهي ته 2 جولاءِ تي ختم ٿيندو. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ پاران امڪان آهي ته ويسٽ انڊيز ۽ انگلينڊ جي دوري لاءِ 17 ميمبرن تي ٻڌل هڪ ئي ٽيم جو اعلان ڪيو ويندو. پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم ويسٽ انڊيز ۾ پهريون ٽيسٽ 25 جولاءِ جڏهن ته ٻيو ٽيسٽ 2 آگسٽ کان شروع ڪندي. انگلينڊ جي دوري ۾ پاڪستاني ٽيم ٽن ٽيسٽن تي ٻڌل سيريز جي شروعات 19 آگسٽ کان ڪندي.

تبصرے بند ہیں۔