لاهور : پاڪستان ٽيليويزن جي نامور ۽ ليجنڊ اداڪار شفيق محمد شاهه جي نياڻي پنهنجي والد جي ياد تازي ڪندي سندس شادي جي هڪ دلڪش تصوير سوشل ميڊيا تي شيئر ڪري ڇڏي فوٽو ۽ ويڊيو شيئرنگ پليٽ فارم انسٽاگرام تي متحرڪ رهندڙ مرحوم اداڪار جي نياڻي يادگار تصوير سان گڏ هڪ دلچسپ قصو به شيئر ڪيو آهي. هن لکيو آهي ته منهنجي امڙ کي پنهنجي شادي جي ڏينهن پنهنجو ميڪ اپ پسند نه آيو هو، ان ڪري هوءَ واپس گهر آئي، سڄو ميڪ اپ ڌوئي ڇڏيائين ۽ پوءِ منهنجي ماسي سندن ٻيهر ميڪ اپ ڪيو، ٻئي طرف منهنجو بابا ايترو ته پُرسڪون هو جو تقريب ۾ پنهنجي خاندان ۽ اڪثر مهمانن کان به پهريان پهچي ويو. هن لکيو ته منهنجي امڙ جو مامو جيڪو فوج ۾ هو ۽ تمام گهڻي رعب دار شخصيت جو مالڪ هو، تنهن منهنجي بابا کي ڏسي مزاحيه انداز ۾ چيو ته ’توهان هتي اڪيلا ڇو اچي ويا آهيو؟‘ اهو هڪ اهڙو لمحو هو جنهن تي سڀ بي اختيار مرڪي پيا، گهوٽ ايترو جلدي پهچي چڪو هو ڄڻ سڀني جو انتظار ڪري رهيو هجي. اداڪار جي نياڻي ٻڌايو ته تصوير ۾ منهنجي بابا جنهن ننڍڙي ٻارڙي کي هنج ۾ کنيو آهي، اها منهنجي امڙ جي ماسي جي نياڻي آهي، تمام گهٽ عرصي ۾ هو منهنجي امڙ جي خاندان جو اهڙو حصو بڻجي ويا هئا ڄڻ هميشه کان انهي خاندان سان تعلق رکندا هجن، اها 1984ع جي ڳالهه آهي، زندگي يقينن مڪمل نه هئي، پر انساني رشتن ۾ هڪ اهڙي سادگي ۽ خلوص هو جيڪو اڄ تمام گهٽ نظر اچي ٿو. هن اهو به لکيو ته منهنجي خواهش آهي ته اسان ٻيهر ان ئي دنيا ڏانهن موٽي سگهون، جتي فريب جي بجاءِ سچائي، سهولت جي بجاءِ وفاداري، انا جي بجاءِ احترام، بي مقصد مصروفيتن جي بجاءِ حقيقي گفتگو ۽ صرف هڪ ڪپ چانهه تي گڏ ويهڻ جي خوشي هوندي هئي، مون کي اميد آهي ته اسان جون ايندڙ نسلون به هڪ ڏينهن ان دنيا کي ڄاڻي سگهنديون، ڇو ته في الحال ته ائين محسوس ٿئي ٿو ڄڻ اسان ان کي ڪٿي پٺيان ڇڏي آيا آهيون. شفيق محمد شاهه جي شادي جي هن يادگار تصوير کي مداحن پاران تمام گهڻو پسند ڪيو پيو وڃي، واپرائيندڙ (صارفين) نه صرف هن خوبصورت ياد کي ساراهي رهيا آهن پر شفيق محمد شاهه جي سهڻي شخصيت ۽ دلڪش انداز جي به تعريف ڪري رهيا آهن. برقندڙ (متعدد) مداحن جو چوڻ آهي ته ماضي جو دور وڌيڪ پُرسڪون هو ۽ 80 ۽ 90 جي ڏهاڪي ۾ پلجي وڏي ٿيندڙ نسل نسبتاً سادي، پُرخلوص ۽ پُرسڪون زندگي جو تجربو ڪيو.
تبصرے بند ہیں۔