سوشل ميڊيا تي روزانو نفرت انگيز تقريرون هلنديون آهن پر هڪ ماڻهو به پڪڙ ۾ نه آيو:اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ

اسلام آباد: سوشل ميڊيا تي روزانو نفرت انگيز تقريرون هلنديون آهن پر هڪ ماڻهو به پڪڙ ۾ نه آيو، ايف آءِ اي جي ايس او پيز تي ڇو عمل نٿو ٿئي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ايف آءِ اي جا اختيار اورانگهڻ بابت ڪيس تي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس اطهر من الله جا ريمارڪس، ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته ٻن سالن ۾ هڪ لک 78 هزار شڪايتون مليون، هڪ هزار 831 جوابدار گرفتار ڪيا ويا، چائلڊ پورنو گرافي ۽ نفرت پکيڙيندڙ تقريرن تي به گرفتاريون ٿيون. چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته ايف آءِ اي پيڪا ايڪٽ ڇڏي هاڻ پي پي سي تي هلي رهي آهي، اهڙو تاثر نه اچڻ گهرجي ته ايف آءِ اي وارا ڪنهن کي ٽارگيٽ ڪري رهيا آهن، شهرين جي بنيادي حقن جو تحفظ عدالت جي ذميواري آهي..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔