سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جو ڊائريڪٽر، انسپيڪٽر ۽ ٻيا عهديدار پاڻ ۾ مليل آهن:سنڌ ھاءِ ڪورٽ

ڪراچي: سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جو ڊائريڪٽر، انسپيڪٽر ۽ ٻيا عهديدار پاڻ ۾ مليل آهن، غيرقانوني اڏاوت تي اٿارٽي وارن جا چپ سبيل ۽ سندن هٿ پير ٻڌل هوندا آهن، ڪيس عدالت ۾ اچڻ سان اٿارٽي وارا حرڪت ۾ اچي ويندا آهن. سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي جي علائقي فيڊر بي ايريا ۾ غيرقانوني اڏاوت ۾ ملوث ايس بي سي اي جي عملدارن خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ذميوار آفيسرز جي برطرفي ۽ معطلي ٿئي ته اڳتي غيرقانوني اڏاوت نه ٿي سگهندي. ڊي جي ايس بي سي اي کي ذميوار عملدارن خلاف ڪارروائي جو حڪم، عدالت غيرقانوني اڏاوتن جي روڪٿام يقيني بڻائڻ جو حڪم ڏيندي متاثر شهري جي درخواست اُڪلائي ڇڏي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔