عدالت حددخليون هٽائڻ جو حڪم ڏنو، وڏو وزير ڪيئن انڪار ڪري سگهي ٿو: سنڌ ھاءِ ڪورٽ

ڪراچي: سنڌ ھاءِ ڪورٽ چيو آھي تھ عدالت حددخليون هٽائڻ جو حڪم ڏنو، وڏو وزير ڪيئن انڪار ڪري سگهي ٿو، ڇا وڏو وزير قانون کان مٿي آهي؟ سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان سرجاڻي ٽائون ۾ غيرقانوني اڏاوتن خلاف ڪيس تي ٻڌڻي دوران ايس بي سي اي جي وڪيل طرفان حددخليون هٽائڻ کان انڪار تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو. وڪيل چيو ته حددخيون نٿيون هٽائي سگهجن، وڏي وزير ڪچيون آباديون ڊاهڻ کان روڪي ڇڏيو آهي، عدالت پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو ته وڏي وزير کي گهرائي ٿا وٺون. سنڌ حڪومت جي وڪيل چيو ته ايس بي سي اي جو وڪيل حقيقتن جي اُبتڙ بيان ڏنو آهي، حددخليون هٽائي درخواستگذار کي مالڪاڻا حق ڏنا ويا آهن، عدالت طرفان ايس بي سي اي جي وڪيل کي ڇنڊ پٽڻ بعد اڳتي غير ذميواراڻا بيان ڏيڻ تي احتياط ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آھي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔