طالبان ڏاڙهي ڪُوڙڻ تي پابندي هڻي ڇڏي

ڪابل: افغانستان ۾ طالبان ڪنٽرول سنڀالڻ کانپوءِ سخت قانون لاڳو ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن ۽ افغان صوبي هلمند ۾ هيئر ڊريسرز تي مردن جي ڏاڙهي ڪُوڙڻ يا ننڍي ڪرڻ تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي.
طالبان چيو آهي ته اهو اسلامي قانونن جي خلاف آهي، جنهن تي سزائون به ڏنيون وينديون.
ڪابل ۾ هڪ حجم جو چوڻ هو ته طالبان اسان کي حڪم ڏنو آهي ته ڏاڙهي ڪوڙڻ ڇڏي ڏيو، جڏهن ته اهي پڪڙڻ لاءِ سادي لباس ۾ جاسوس به موڪلي سگهن ٿا.
هيئر ڊريسرز جو چوڻ آهي ته وڏي عرصي کان انهن جي سيلون نوجوانن لاءِ هئي، جيڪي پنهنجي مرضي سان شيو ڪرائيندا هئا، هاڻ اهو ڪاروبار جاري رکڻ جو ڪو سبب نظر نه پيو اچي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔