رانديگرن جي خراب ڪارڪردگي، ورلڊ ڪپ اسڪواڊ ۾ تبديلين جو امڪان

ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ قومي اسڪواڊ ۾ شامل ڪجهه رانديگرن جي نيشنل ٽي ٽوئنٽي ڪپ ۾ خراب ڪارڪردگي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ کي پريشان ڪري ڇڏيو.
ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ قومي اسڪواڊ ۾ شامل رانديگرن جي نيشنل ٽي ٽوئنٽي ۾ خراب ڪارڪردگي تي مداحن طرفان سليڪشن ڪميٽي تي به تنقيد ڪئي پئي وڃي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته نيشنل ٽي ٽوئنٽي ڪپ ۾ ڪجهه ڪرڪيٽرن جي ڪارڪردگي بهتر نه ٿي ته اسڪواڊ ۾ تبديليون ٿي سگهن ٿيون، ورلڊ ڪپ اسڪواڊ ۾ تبديلي لاءِ اڃا پي سي بي وٽ وقت آهي، اسڪواڊ ۾ هڪ کان وڌيڪ تبديليون ڪري سگهجن ٿيون.
ذريعن موجب اعظم خان، خوشدل شاهه، صهيب مقصود ۽ آصف علي جي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو پيو وڃي، جڏهن ته ٽريول ريزرو ۾ شامل فخر زمان کي 15 رڪني اسڪواڊ ۾ شامل ڪري سگهجي ٿو.
واضح رهي ته نيوزيلينڊ خلاف سيريز نه ٿيڻ کانپوءِ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ نيشنل ٽي ٽوئنٽي ڪپ کي ورلڊ ڪپ جي تيارين جو حصو قرار ڏنو هو، اهو ئي سبب آهي جو نيشنل ٽي ٽوئنٽي ڪپ ۾ ورلڊ ڪپ اسڪواڊ جي رانديگرن کي به کيڏايو پيو وڃي.
ياد رهي ته آصف علي، خوشدل شاهه، اعظم خان ۽ صهيب مقصود جي ورلڊ ڪپ اسڪواڊ ۾ شموليت تي اڳ ئي شوقين ڪاوڙيل هئا، جڏهن ته نيشنل ٽي ٽوئنٽي ڪپ ۾ به انهن جي خراب ڪارڪردگي تي مداح سخت ردعمل جو اظهار ڪري رهيا آهن ۽ اهي شعيب ملڪ، سرفراز احمد، وهاب رياض، شرجيل خان جهڙن رانديگرن کي ورلڊ ڪپ کيڏائڻ جو مطالبو ڪري رهيا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔