فحش فلمن جي ڪيس شلپا شيٽي کي پريشان ڪري ڇڏيو، صحافين سان ڏند چڪ

ممبئي : بالي ووڊ اداڪارا شلپا شيٽي مڙس راج ڪندرا بابت سوال پڇڻ تي صحافيءَ تي ڏمرجي پئي.
ڀارتي پوليس فحش فلمن جي ڪيس ۾ ناليواري اداڪارا شلپا شيٽي جي مڙس راج ڪندرا کي گرفتار ڪيو آهي ۽ ان حوالي سان جاچ جاري آهي.
فحش فلمن جي اسڪينڊل کانپوءِ شلپا شيٽي به مسئلن کي منهن ڏئي رهي آهي، هوءَ نه رڳو مالي مسئلن پر هر جاءِ تي ماڻهن جي سوالن کان به تنگ ٿي پئي آهي.
اهڙو ئي ڪجهه تازو هڪ ايونٽ ۾ ٿيو، جتي شلپا شيٽي کان رپورٽر راج ڪندرا بابت سوال ڪيو، جنهن تي اداڪارا ڪاوڙجي پئي ۽ هن چيو ته مان ڪير آهيان، ڇا مان راج ڪندرا آهيان؟ يا ان وانگر ڏسجان ٿي؟

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔