ناشتي ۾ انڊن جي استعمال جا فائدا

اسان وٽ کاڌن ۾ انڊن جو لڳاتار استعمال انڪري به گهڻو هوندو آهي جو انڊا اسان جي صحت لاءِ گهڻا فائديمند هوندا آهن.
اٻاريل انڊا(بوائل ٿيل) ۽ آمليٽ پروٽين، ڪيلشيم، وٽامنز ۽ غذائي شين جو ذريعو به آهن.
ماهرن موجب انڊا پروٽين جو هڪ سٺو ذريعو آهي، انڊن ۾ دل جي صحتمند غير محفوظ ٿيل چرٻي به هوندي آهي ۽ اها اهم غذائي شين جهڙوڪ وٽامن بي 6، بي 12 ۽ وٽامن ڊي جو هڪ وڏو ذريعا آهن.
انڊا کائڻ سان هاءِ ڊينسٽي ليپو پروٽين (ايڇ ڊي ايل) جي سطح بلند هوندي آهي جنهن کي سٺو ڪوليسٽرول به چيو ويندو آهي، جيڪي ماڻهو ايڇ ڊي ايل جي سطح گهڻي رکندا آهن انهن ۾ دل جي بيمارين، فالج ۽ صحت جي ٻين مسئلن جو خطرو گهٽ هوندو آهي.
هڪ تحقيق موجب ڇهه هفتن تائين هڪ ڏينهن ۾ ٻه انڊا کائڻ سان ايڇ ڊي ايل جي سطح ۾ وڌيڪ 10 سيڪڙو واڌ ٿي ويندي آهي.
انکانسواءِ جيئن جيئن اسان جي عمر وڌندي ويندي آهي ته اسانکي پنهنجي اکين جو گهڻو خيال رکڻ جي ضرورت هوندي آهي، انڊن جي ڦڪي زردي ۾ لوٽين ۽ زيڪسينٿن جو وڏو مقدار هوندو آهي.
اينٽي آڪسيڊنٽس اکين ۾ موتيي جي خطرن کي گهٽائڻ ۾ مدد ڪندو آهي، انڊن ۾ وٽامن اي به گهڻي هوندي آهي جيڪا اکين جي صحت جي لاءِ گهڻي فائديمند هوندي آهي.
انڊن ۾ موجود ڪولين ۾ انتهائي ضروري غذا آهي جيڪا دماغ جي واڌ ويجهه ۽ ان جي ڪم کي متحرڪ ڪندي آهي، ڪولين يادداشت برقرار رکڻ ۽ دماغ جي صحت لاءِ بهترين ڪم ڪندو آهي.
انڊا هڪ اهڙي طاقتور غذا آهي جيڪو پروٽين ۽ چرٻي ٻنهي جو شاندار مجموعو آهي، اهو توهان جي وزن گهٽائڻ لاءِ به مددگار ثابت ٿي سگهي ٿو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔