انگلينڊ طرفان پاڪستان جو دورو نه ڪرڻ جو اعلان

لنڊن : نيوزيلينڊ کانپوءِ انگلينڊ به پاڪستان خلاف سيريز رد ڪرڻ جو باضابطا طور اعلان ڪري ڇڏيو.
نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ طرفان گرين شرٽس خلاف سيريز نه کيڏڻ جو فيصلو پاڪستان لاءِ خطرناڪ ثابت ٿيو، جنهن کانپوءِ انگلش ڪرڪيٽ بورڊ به پنهنجي ٽيم پاڪستان نه موڪلڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
انگلش ڪرڪيٽ بورڊ طرفان پاڪستان جو دورو ختم ڪرڻ جو باضابطا طور اعلان ڪيو ويو آهي ۽ چيو ويو آهي ته وومينز ٽيم جو به پاڪستان دورو رد ڪيو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔