چين ٻارن لاءِ ٽڪ ٽاڪ جون سهولتون گهٽائي ڇڏيون

بيجنگ: چين طرفان ٻارن کان انٽرنيٽ جي عادت ڇڏائڻ جي حوالي سان قدم کڻڻ جو سلسلو جاري آهي ۽ آن لائين گيم کيڏڻ جو وقت گهٽائڻ کانپوءِ ٽڪ ٽاڪ جي حوالي سان به اهم فيصلو ڪيو ويو آهي.
ٽڪ ٽاڪ جي ملڪيت رکندڙ ڪمپني بائيٽ ڊانس چين ۾ 14 سالن کان گهٽ عمر جي ٻارن جي حوالي سان نئين قانونن جو اعلان ڪيو آهي.
بائيٽ ڊانس جي هڪ بلاگ پوسٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته 14 سالن کان گهٽ عمر وارا ٻار ڊويوين(ٽڪ ٽاڪ جو چين ۾ اهو نالو آهي) تي يوٿ موڊ ذريعي رسائي حاصل ڪري سگهن ٿا.
ڪمپني طرفان يوٿ موڊ ذريعي 14 سالن کان گهٽ عمر ٻارن جي لاءِ ٽڪ ٽاڪ جو استعمال سڄي ڏينهن ۾ 40 منٽن تائين محدود ڪيو ويو آهي.
اهڙي ريت ان عمر جي ٻارن کي ان ايپ تائين رسائي صبح 6 وڳي کان رات 10 وڳي تائين حاصل آهي.
ڊويوين لڳ ڀڳ ٽڪ ٽاڪ جهڙي ئي ايپ آهي پر ان ۾ مواد جي جاچ پڙتال وڌيڪ سختي سان ڪئي ويندي آهي ۽ ان جا 60 ڪروڙ کان مٿي ماهوار واهپيدار آهن.
ان کان اڳ بائيٽ ڊانس ۾ واهپيدارن جي اصل نالي ۽ عمر جي تصديق جي قانونن تي به عمل ڪيو ويو هو جڏهن ته واهپيدارن کي پنهنجي فون نمبر ۽ ٻيا ذاتي تفصيل به مهيا ڪرڻا پوندا آهن.
ڪمپني پنهنجي بلاگ ۾ ٻڌايوآهي ته يوٿ موڊ جي ذريعي اسان کي هر هڪ جي لاءِ زبردست مواد جهڙوڪ ناول ۽ دلچسپ سائنسي تجربن جي تياري جو موقعو ملي سگهندو.
ان حوالي سان نئين قانونن موجب 18 سالن کان گهٽ عمر واري ماڻهن کي سڄي هفتي ۾ رڳو ٽي ڪلاڪ آن لائين گيمون کيڏڻ جي اجازت هوندي.
ان کان اڳ چين ۾ 2019 ۾ ٻارن جي آن لائين گيمون کيڏڻ جو مدو روز ڏيڍ ڪلاڪ تائين محدود رکڻ جا قانون لاڳو ڪيا ويا هئا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔