پي سي بي نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ جي نيوٽرل هنڌ تي سيريز کيڏڻ واري آڇ رد ڪري ڇڏي

پي سي بي سان نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ رابطو ڪري نيوٽرل هنڌ تي سيريز کيڏڻ جي آڇ ڪري ڇڏي آهي جڏهن ته پاڪستان ان تجويز کي رد ڪري ڇڏيو آهي.
نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ بورڊ طرفان چيو ويو آهي ته پاڪستان سان ڪرڪيٽ ٻيهر کيڏڻ چاهيون ٿا. ري شيڊول سيريز لاءِ مناسب هنڌ ڏسي رهيا آهيون. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ڪيوي بورڊ جي اها تجويز مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. چيف ايگزيڪٽو ڪيويز بورڊ ڊيوڊ وائٽ چيوآهي ته امڪاني سيريز مناسب وقت ۽ هنڌ تي کيڏي سگهون ٿا. پي سي بي جي نقصان تي به سوچيو ويندو. هن نيوزيلينڊ جي ٻيهر پاڪستان جي دوري بابت ڳالهيون وقت کان اڳ قرار ڏئي ڇڏيون.
هوڏانهن نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان ڪين وليمسن پاڪستان جو دورو ملتوي ڪرڻ واري عمل کي شرمناڪ قرار ڏئي ڇڏيو آهي. هن چيو ته مون کي تفصيلن جي خبر نه آهي هي سڀ ڪجهه اوچتو ٿيو. پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ کي تمام گهڻو پسند ڪيو ويندو آهي. مون کي اندازو آهي ته پاڪستانين کي دورو ملتوي ڪرڻ سان ڪافي مايوسي ٿي هوندي. ڪين وليمسن اميد ظاهر ڪئي ته ان واقعي جا اثر گهڻو وقت نه رهندا ۽ پاڪستان ۾ جلد انٽرنيشنل ڪرڪيٽ کيڏي ويندي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔