سلمان ۽ سنجي دت وچ ۾ ماڌوري سبب پيدا ٿيل تڪرار جا اصل سبب سامهون اچي ويا

ممبئي: اها ڳالهه ڪنهن کان به لڪل ناهي ته ماضي ۾ ڪيتري ئي وقت تائين بالي ووڊ جي ٻن اداڪارن سلمان خان ۽ سنجي دت وچ ۾ جنگ جاري رهي.
هونئن ته سنجي دت سلمان خان کي پنهنجو ننڍو ڀاءُ سڏيندو هو پر اوچتو اهڙو ڇا ٿيو جو جو ٻنهي ۾ تڪرار پيدا ٿي ويا ۽ ميڊيا کان به اها ڳالهه لڪي نه سگهي. ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن موجب مبينه طور تي ٻنهي وچ ۾ تڪرارن جو اهم سبب اداڪاره ماڌوري ڊڪشٽ هئي پر سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته معاملي جي شروعات ڪٿان کان ٿي. ماضي ۾ سنجي دت ۽ ماڌوري مبينه طور تي هڪ ٻئي کي پسند ڪندا هئا ۽ ٻنهي وچ ۾ مائٽي به هئي جيڪا ڪجهه وقت کان پوءِ ڪجهه سببن جي ڪري ختم ٿي وئي.
ماڌوري کي جڏهن خبر پئي ته سنجي دت جي زندگي تي فلم ٺاهي پئي وڃي ته هن اداڪار سلمان خان سان رابطو ڪيو. ماڌوري چاهيو ٿي ته سلمان، سنجي دت کي ان ڳالهه لاءِ راضي ڪري ته ان جي سوانح حيات نه ٺاهي وڃي ڇو ته جيڪڏهن ائين ٿيو ته ماڌوري جو نالو فلم ۾ سنجي سان جوڙيو ويندو جيڪو اداڪاره نٿي چاهيو. سلمان خان جڏهن سنجي سان ان باري ۾ ڳالهايو ته هن صاف انڪار ڪيو. جنهن کان پوءِ دبنگ خان سنجي سان ڳالهه ٻولهه بند ڪري ڇڏي. اهو تڪرار ان وقت شدت اختيار ڪري ويو جڏهن سنجي جي زندگي تي ٺهندڙ فلم لاءِ اداڪار رنبير ڪپور کي ڪاسٽ ڪيو ويو جيڪو ان وقت سلمان خان جي اڳوڻي گرل فرينڊ اداڪاره ڪترينه ڪيف جو دوست هو.
رپورٽن موجب في الحال ٻنهي اداڪارن وچ ۾ لاڳاپا صحيح آهن. سلمان خان ڪجهه هفتا اڳ سنجي دت کي ان جي 62هين سالگره تي پراڻي تصوير شيئر ڪري سالگره جي مبارڪباد به ڏني هئي. ياد رهي ته ماڌوري ڊڪشت ۽ سلمان خان ۽ سنجي دت سان گڏ 1991ع ۾ فلم ساجن ۾ ڪم ڪيو هو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔