روس جي يونيورسٽي ۾ شاگرد پاران فائرنگ، اٺ ڄڻا مارجي ويا

ماسڪو: روس جي يونيورسٽي ۾ شاگرد فائرنگ ڪري 8 ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو. پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري موجب روس جي علائقي سائبيريا جي شهر پرم جي سرڪاري يونيورسٽي ۾ ڪلاس معمول موجب جاري هئا ته اوچتو هڪ شاگرد فائرنگ ڪري ڏني. جنهن جي نتيجي ۾ 8 ڄڻا مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن جنهن ۾ ڪيترائي شاگرد ۽ شاگردياڻيون به شامل آهن.
لاشن ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي جتي ڪيترن زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. جنهن جي ڪري فوتگين ۾ واڌ جو امڪان آهي. ڪيترن ئي شاگردن ڪلاسن جي درين مان ٽپا ڏئي پنهنجي جان بچائي. پوليس ڪافي ڪوششن کان پوءِ حملو ڪندڙ کي گرفتار ڪري ورتو.
حملو ڪندڙ زخمي آهي ۽ ان کان جاچ ڪئي پئي وڃي. شاگرد جي سڃاڻپ اڃان جاري ناهي ڪئي وئي ۽ اهو به ناهي ٻڌايو ويو ته هن حملو ڇو ڪيو. ان جا سبب به سامهون ناهن اچي سگهيا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔