سنڌ ۾ ٽيڪس نه ڏيندڙن کي الٽيميٽم، جلد ڪريڪ ڊائون ٿيندو

ڪراچي : سنڌ جي ايڪسائز اينڊ ٽيڪسيشن ۽ منشيات روڪ کاتي ٽيڪس نه ڏيندڙن خلاف سخت ڪارروائي جو فيصلو ڪري ڇڏيو.
ايڪسائز اينڊ ٽيڪسيشن ۽ منشيات روڪ کاتي جو اجلاس صوبائي ويزر مڪيش ڪمار چاولا جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ ايڪسائز اينڊ ٽيڪسيشن ۽ منشيات روڪ کاتي جي سيڪريٽري راجا خرم شهزاد عمر، ڊائريڪٽر جنرلز منير احمد زرداري، حاجي سليم ڀٽو، ڊائريڪٽر پراپرٽي ثمينه ڀٽو ۽ ٻيا آفيسر شريڪ ٿيا.
ان موقعي تي مڪيش ڪمار چاولا چيو ته ملڪيتي ٽيڪس نه ڏيندڙن کي ڪمپيوٽرائزڊ چالان جاري ڪيا ويا آهن، ملڪيتي ٽيڪس نه ڏيندڙن کي ترغيب ڏيڻ لاءِ مشهوري مهم به هلائي ويندي، 30 سيپٽمبر تائين ملڪيتي ٽيڪس جمع ڪرائيندڙن کي 5 سيڪڙو رليف ملندو.
هن چيو ته جلد ئي وڏن ٽيڪس نه ڏيندڙن خلاف ڀرپور ڪارروائي ڪئي ويندي، ملڪيتون ضبط ڪيون وينديون، ڪنهن به اڻ وڻندڙ واقعي کان بچڻ لاءِ ٽيڪس نه ڏيندڙ جلد ٽيڪس جمع ڪرائن.
سندس چوڻ هو ته چالان نه ملڻ جي صورت ۾ لاڳاپيل ايڪسائز آفيس سان رابطو ڪيو وڃي، ٽيڪس وصولي لاءِ اسپيشل ٽيمون جوڙيون ويون آهن.
ايڪسائز اينڊ ٽيڪسيشن ۽ منشيات روڪ کاتي جي صوبائي وزير آفيسرن کي هدايت ڪئي ته اهي قانون جي دائري ۾ رهندي ڪارروائي ڪن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔