شاهه رخ خان لاءِ هندو انتهاپسندن جي باهه نه ٺري

ممبئي : ڀارتي اداڪار شاهه رخ خان هلندڙ ڏينهن ۾ پنهنجي ملڪ ۾ انتهاپسندن طرفان شروع ڪيل نفرت انگيز مهم جي نشاني تي اچي ويو آهي.
مشهور اداڪار جي فلم” پٺاڻ“ هلندڙ سال آڪٽوبر مهيني ۾ رليز ٿيڻي هئي پر ان کان اڳ ئي اداڪار خلاف ٽوئيٽر تي نفرت انگيز مهم هلائي کيس تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي.
ڀارتي ميڊيا موجب هن مهم جي شروعات ڀارت جي رياست هريانا جي ڀارتيا جنتا پارٽي جي اسٽيٽ انچارج آف انفارمينشن ٽيڪنالوجي ڊپارٽمينٽ” ارون يادوو“ جي طرفان ڪئي وئي آهي.
هنن اداڪار جي خلاف ٽوئيٽ ڪندي” بائيڪاٽ شاهه رخ خان“ جو هيش ٽيگ استعمال ڪيو، جنهن بعد اهو ٽوئيٽر انڊيا تي ٽرينڊ بڻجڻ لڳو.
هن مهم ان وقت شدت اختيار ڪئي جڏهن اداڪار جي پراڻي ويڊيو ڪلپ ٽوئيٽر تي وائرل ٿي، جنهن ۾ هو پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي رانديگرن کي دنيا جا بهترين رانديگر چئي رهيو آهي.
ان کان پوءِ ڪنگ خان جي پاڪستان جي هاڻوڪي وزيراعظم عمران خان سان گڏ به ماضي جي هڪ تصوير وائرل ٿي، جنهن کانپوءِ ڀارتي شهرين ان تي به پنهنجي ڪاوڙ ڏيکاري.
واهپيدارن شاهه رخ خان جي ايندڙ مهيني ۾ فلم پٺاڻ تي تنقيد ڪري فلم جي نالي کي به نشانو بڻايو، هڪ صارفين موجب جيڪڏهن هي اسپائي ايڪشن مووي آهي ته فلم جو نالو ”پٺاڻ“ ڇو آهي؟ ان جو ڪوئي هندو نالو هجڻ گهرجي ها، ڀارت ۾ پٺاڻن ايتري مشهوري ڇو پئي ڏني وڃي.
ياد رهي ته هي پهريون ڀيرو ناهي جو شاهه رخ کي هندو انتهاپسندن طرفان تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي، ان کان اڳ به پلواما حملي بعد اداڪار تي ڪروڙين روپيه پاڪستان موڪلڻ جا به الزام لڳايا ويا هئا جيڪي ڪوڙا ثابت ٿيا هئا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔