نئين مانيٽري پاليسي جو اعلان، وياج جي شرح ۾ واڌ

ڪراچي : اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان ايندڙ ٻن مهينن لاءِ مانيٽري پاليسي جو اعلان ڪري ڇڏيو.
اسٽيٽ بئنڪ وياج جي شرح ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي، وياج جي شرح 25 بيسز پوائنٽون وڌائي ايندڙ ٻن مهينن لاءِ 7.25 سيڪڙو ڪئي وئي آهي.
مرڪزي بئنڪ موجب مانيٽري پاليسي ڪميٽي نوٽ ڪيو ته معاشي بحالي جي رفتار اميد کان وڌيڪ وڌي آهي، جنسن جي عالمي قيمتن ۽ درآمد وڌڻ سان ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو وڌي رهيو آهي.
مانيٽري پاليسي ڪميٽي موجب جون کان سالئون سال مهانگائي ٿي رهي آهي، ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۾ تبديلي جو بار رپئي جي قدر تي پيو آهي، هلندڙ مالي سال اوسر 4 کان 5 سيڪڙو اڳڪٿي جي مٿين حد ۾ رهڻ جو امڪان آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔