قسمت جي ديوي مهربان: پورهيتن کي ڪوئلي جي کاڻ مان قيمتي هيرو هٿ

نئين دهلي : قسمت جي ديوي مهربان، پورهيتن کي ڪوئلي جي کاڻ مان قيمتي هيرو هٿ آيو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ڀارتي رياست مڌيا پرديش جي ضلعي پانا ۾ رتن لال پرجاپتي ۽ سندس 3 ساٿين کي 8.22 قيراط جو هيرو هٿ آيو، 4 ئي پورهيت دوست ڪوئلي جي هڪ کاڻ ۾ کوٽائي ڪري رهيا هئا ته کين انتهائي ناياب ۽ قيمتي هيرو هٿ آيو، هٿ آيل هيرو مقامي هيرن جي آفيس ۾ جمع ڪرايو ويو آهي جڏهن ته  21 سيپٽمبر تي ان جي نيلامي ٿيندي، هيري جي قيمت جو ڪاٿو 90 لک رپيا لڳايو ويو آهي، حڪومت پاران هيري جي وڪري مان مليل رقم ٽيڪس ڪاٽڻ بعد چئني دوستن برابر برابر حصو ملندو. ٻئي طرف هيرو هٿ ڪندڙ خوش نصيب پورهيت رتن لال چيو آهي ته  هو ۽ سندس ساٿي 15 سالن کان ڪوئلي جي کاڻ ۾ ڪم ڪري رهيا آهيون پهريون ڀيرو قسمت جي ديوي مهربان ٿي آهي. هن چيو ته هيري جي وڪري مان ملندڙ رقم اسين پنهنجن ٻارڙن جي مستقبل لاءِ خرچ ڪنداسين.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔