بحريا ٽائون ڪيس: 33 مان 27 ڪيسز ختم، زين شاهه سوڌو ٻين کي آزاد ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي: سنڌ ھاءِ ڪورٽ بحريا ٽائون ڪيس ۾  33 مان 27 ايف آءِ آرز ختم ڪرڻ جو حڪم ڏيندي زين شاهه سوڌو ٻين کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ھڪڙي واقعي جون ھڪ کان وڌيڪ ايف آءِ آرز داخل ڪرڻ واري مامري تي سيد جلال محمود شاهه ۽ ٻين جي درخواستن تي ٻڌڻي ٿي.

عدالت پراسيڪيوٽر جنرل کان پڇاڻو ڪيو ته ٻڌايو وڃي ھڪڙي واقعي جون 33 ايف آءِ آرز ڪيئن داخل ڪيون ويون؟.

عدالت چيو ته ھر ايف آءِ آر ۾ ساڳي ڳالهه لکيل آھي ته فلاڻي ھمراھ پٿراءُ به ڪيو وري ان ئي وقت باھ به ڏني ۽ ان ئي ٽائيم تي ڀڃ ڊاھ به ڪئي.

پراسيڪيوٽر جنرل چيو ته اسان 27 ايف آءِ آرز ختم ڪري رھيا آھيون، باقي 6 ايف آءِ آرز جو چالان جمع ڪرائينداسين.

پراسيڪيوٽر جنرل جي جواب تي عدالت 27 ايف آءِ آرز ختم ڪرڻ بابت 5 ڏينھن اندر اي ٽي سي ڪورٽ ۾ رپورٽ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو.

عدالت باقي 5 ايف آءِ آرز بابت به پراسيڪيوٽر جنرل کان 28 سيپٽمبر تي جواب طلب ڪندي چيو ته ھڪ ئي الزام تي 5 ڪيس ڪيئن داخل ڪري سگھجن ٿا؟

عدالت چيو ته پٽيشنرز ته سنڌ سرڪار ۽ بحريا ٽائون انتظاميه مٿان الزام ھنيا آھن ته ڀڃ ڊاھ وغيره انھن ئي ڪئي آھي.

عدالت پراسيڪيوٽر جنرل کي ھدايت ڪئي ته پٽيشنرن جي الزام تي توھان ڪھڙي جاچ ڪئي آھي، ايندڙ ٻڌڻي تي ان بابت به عدالت کي آگاھ ڪيو.

عدالت درخواست گزار کان سوال ڪيو ته ڪيترا ڪارڪن ۽ اڳواڻ گرفتار ٿيل آھن؟، درخواست گزار ٻڌايو ته زين شاھ سميت 7 ڄڻا جيل ۾ آھن.

عدالت چيو جيڪڏھن زين شاھ ۽ ٻيا ختم ڪيل 27 ايف آءِ آرز کان علاوه ٻين ڪنھن ڪيسز ۾ نامزد ناھن ته کين آزاد ڪيو وڃي.

جڏهن ته باقي رھيل 5 ايف آرز ۾ زين شاھ، سجاد چانڊيو ۽ ٻين اڳواڻن نالا نامزد ٿيل آھن.

عدالت درخواستن تي وڌيڪ ٻڌڻي 28 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

  • TAGS
  • t

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔