ڪشمير مسئلو: پاڪستان ۽ ڀارت ڳالهيون ڪن، ٽياڪڙي لاءِ تيار آهيون: سعودي عرب

ڪراچي: سعودي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان آل سعود جو چوڻ آهي ته سعودي عرب پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ٽياڪڙي لاءِ تيار آهي.

شهزاده فيصل ڀارت جي دوري تي اتي موجود آهي، جتي هن ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي سان به ملاقات ڪئي.

دوري دوران ڀارتي ٽي وي کي ڏنل انٽرويو ۾ فيصل بن فرحان چيو ته سعودي عرب، پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ٽياڪڙي لاءِ تيار آهي، ڳالهين جي لاءِ صحي وقت مقرر ڪرڻ پاڪستان ۽ ڀارت جو ڪم آهي.

هن چيو آهي ته پاڪستان ڀارت کي ڳالهين جي لاءِ فورمز فراهم ڪندو، ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ ٻئي ملڪ ڳالهيون ڪن.

هن چيو آهي ته افغانستان ۾ القاعده، داعش ۽ طالبان جو ٻيهر منظر عام تي اچن فخر جي ڳالهه آهي.

سعودي پرڏيهي وزير جو چوڻ هو ته افغانستان مان ٻين ملڪن ۾ دهشتگردي پکڙجڻ وارن خطرن تي خدشا آهن پر طالبان چيو آهي ته افغان سرزمين ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ دهشتگردي لاءِ استعمال نه ٿيندي.

هن جو چوڻ هو ته طالبان حڪومت کي تسليم ڪرڻ لاءِ انتظآر ڪيو ۽ ڏسو واري پاليسي تي عمل ڪري رهيا آهيون، جڏهن ته افغانستان ۾ امن ۽ اسحڪام ۽ شموليت پاليسي چاهيون ٿا.

  • TAGS

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔