لاهور سميت پنجاب جي مختلف شهرن ۾ ڊينگي بخار ٻيهر ڪر کڻڻ لڳو

لاهور سميت سموري پنجاب ۾ ڪورونا سان گڏ ڊينگي بخار به ٻيهر ڪر کڻڻ لڳو آهي.
پنجاب جي صحت کاتي موجب گذريل ڏينهن ڊينگي جا 34 ڪيس رپورٽ ٿيا. صرف لاهور ۾ 29 ڪيس رپورٽ ٿيا. صوبائي صحت کاتي موجب راولپنڊي ۾ ڊينگي جا 2، پاڪ پتن، جهنگ ۽ گجرات ۾ هڪ هڪ ڪيس رپورٽ ٿيو.
صحت کاتي جي اختيارين موجب مڇرن جي وڌندڙ آزار ۽ شهر ۾ جڳهه جڳهه تي پاڻي جمع ٿيڻ سبب ڊينگي کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔