جوهي چاولا پنهنجي زندگي جي پهرين ڊرامي واري وڊيو شيئر ڪري ڇڏي

ممبئي: بالي ووڊ جي مشهور اداڪاره جوهي چاولا 1987 ۾ ٺهندڙ پنهنجي پهرين ڊرامي جي وڊيو شيئر ڪئي آهي.
اداڪاره انسٽاگرام تي هڪ وڊيو ڪلپ پوسٽ ڪيو جنهن تي ڊگهو ڪيپشن لکيل هو. جوهي چاولا ٻڌايو ته هي ڀارت جي مشهور فلم ساز بي آر چوپڙا جو ڊرامو هو ۽ منهنجو ان ۾ مختصر ڪردار هو. هن لکيو ته ڊرامي جو نالو بهادر شاهه ظفر هو، شوٽنگ جي دوران مان ڪافي پريشان هئس ڇو ته مان نئين اداڪاره هئس.
جوهي ڪيپشن ۾ ٻڌايو ته مان ڪيترائي دفعا پنهنجي ڊائيلاگ وساري رهي هئس پر ڊائريڪٽر تمام گهڻي صبر جو مظاهرو ڪيو ۽ مون کي هر ڀيري پرسڪون رهڻ جو چوندو رهيو. جوهي چاولا هن ڪلپ بابت چيو ته هي ڪلپ مون ان کان اڳ نه ڏٺو هو.
هن وڊيو اماڻيندڙ انسٽاگرام اڪائونٽ جو ٿورو به ادا ڪيو. ياد رهي ته اداڪاره جوهي چاولا 1986ع ۾ فلم سلطنت کان فلمي دنيا ۾ قدم رکيو پر کيس 1988ع ۾ ريليز ڪيل سپرهٽ فلم (قيامت سي قيامت تڪ) مان سڃاڻپ ملي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔