آمريڪا ۽ سندس اتحادين کي افغانستان جي نئين سري سان تعمير واري ذميواري پوري ڪرڻ گهرجي: چين

بيجنگ: چين چيو آهي ته آمريڪا ۽ ان جي اتحادين کي افغانستان جي نئين سري سان ذميواري کي پورو ڪرڻ گهرجي.
بيجنگ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان ليجيان زائو چيو هو ته تاجڪستان جي گادي واري شهر دوشنبي ۾ چين، پاڪستان، روس جي پرڏيهي وزيرن ۽ ايران جي سينئر نمائندن ملاقات ڪئي آهي جنهن ۾ ڌرين افغانستان ۽ خطي ۾ امن جي لاءِ ڪوشش جي عزمن جو اظهار ڪيو.
چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو ته آمريڪا ۽ ان جي اتحادين کي افغانستان جي نئين سري سان تعمير جي ذميواري پوري ڪرڻ گهرجي. عالمي برادري کي افغانستان کي انساني همدردي تي امداد ڏيڻ گهرجي.
ليجيان زائو چيو ته دوشنبي ۾ ٿيندڙ ملاقات ۾ ڌرين افغانستان ۾ جامع حڪومت سازي جي ضرورت تي به زور ڏنو ۽ اهو به چيو ته افغانستان جي خومختاري، آزادي ۽ علاقائي سالميت جو احترام ڪرڻ گهرجي. افغان عوام کي امن، سڪون، ترقي ۽ خوشحالي کي حاصل ڪرڻ جو حق هجڻ گهرجي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔