لوڌران ۾ 80 سالن جي شخص ۽ 60 سالا عورت جي ڌام ڌوم سان شادي

لوڌران ۾ ملڪ جي هن وقت تائين جي انوکي شادي ٿي آهي.
80 سالن جي شخص جي 60 سالن جي عورتن سان وڏي ڌام ڌوم سان شادي ڪرائي وئي آهي.
شادي جي تقريب ۾ گهوٽ نئين چمڪندڙ ڪار ۾ ڪنوار جي گهر پهتو، گهوٽ پُٽن ۽ پوٽن سان گڏ دهلن شرنائين تي رقص به ڪيو.
گذريل ڏينهن دنياپور تعلقي جي علائقي جلا آرائين جي 80 سالن جي شخص عبدالرزاق 60 سالن جي عورت سان وڏي ڌام ڌوم سان شادي ڪئي آهي.
گهوٽ جا چار پُٽ ۽ پوٽا نئين چمڪندڙ ڪار ۾ گهوٽ سان گڏ ڪنوار جي گهر پهتا ته پُٽن ۽ پوٽن پيءُ ۽ ڏاڏي جي شادي جي خوشي ۾ دهل جي رقص ڪيو.
ان موقعي تي 80 سالن جي عبدالرزاق به شادي جي خوشي ۾ رقص ڪيو، ڄاڃين کي چڪن قورمو، پلاءُ ۽ مِٺي ۾ زردو کارايو ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔