”اَي سِي“ جي جاءِ تي گرمي کان بچائيندڙ رنگ تيار

رنگ جو استعمال سڄي دنيا ۾ هر گهر جي ڀت تي ٿيندو آهي، پر ڇا ان رنگ جي مدد سان ايئر ڪنڊيشنر ( اي سي) جي ضرورت ختم ڪري سگهجي ٿي؟
آمريڪي سائنسدانن کي ائين ئي لڳي رهيو آهي ته انهن اهڙو اڇو رنگ تيار ڪيو آهي جيڪو انهن جي خيال ۾ ايئر ڪنڊيشننگ جي ضرورت کي گهٽ يا ختم ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو.
پورڊيو يونيورسٽي جي طرفان هي رنگ ڪجهه مهينا اڳ تيار ڪيو ويو هو ۽ سڄي دنيا جي ميڊيا جي ڌيان جو مرڪز بڻجي ويو.
نه رڳو ايترو پر ان رنگ ” گنيز بڪ آف ورلڊ رڪارڊ“ ۾به پنهنجو نالو لکرائي ڇڏيو آهي ۽ ان رنگ کي اڇو ترين رنگ قرار ڏنو ويو آهي.
هونئن ته سائنسدانن ان رنگ کي عالمي رڪارڊ ٺاهڻ جي لاءِ نه ٺاهيو آهي پر ان جو مقصد وڌندڙ عالمي گرمي پد ۾گهٽتائي آڻڻ آهي.
پورڊيو يونيورسٽي جي مڪينيڪل انجنيئرنگ جي پروفيسر شيولن روآن موجب جڏهن اسان 7 سال اڳ هن پراجيڪٽ جي شروعات ڪئي هئي ته اسان جي ذهن ۾ موسمياتي تبديلين جي روڪٿام ۽ توانائي کي بچائڻ جو مقصد هيو.
ماهرين موجب اهڙو رنگ تيار ڪرڻ چاهيون پيا جيڪو روشني کي عمارت جي ڀت کان موٽائي انهن کي گرمي کان بچائي سگهي.
انهن جو چوڻ هو ته اهو رنگ 98.1 سيڪڙو سولر ريڊي ايشن کي موٽائي سگهي ٿو جڏهن ته انفراريڊ گرمي کي به ختم ڪري سگهي ٿو.
جيئن ته اهو رنگ سج جي گرميءَ کي خارج ڪرڻ جي مقابلي ۾ تمام ٿورو جذب ڪندو آهي ته ان جي هيٺين سطح بجلي جي بنا ئي ٿڌي ٿي ويندي آهي.
گرمي پد کي خارج ڪندڙ اڪثر رنگ سج جي 80 کان 90 سيڪڙو روشني کي موٽائيندا آهن.پر اهي ڀرپاسي جي ڀيٽ ۾ پنهنجي هيٺين موجود سطح کي ٿڌو ناهن ڪري سگهندا.
پورڊيو يونيورسٽيءَ جي طرفان تيار ڪيل اڇي رنگ ۾ 2 انوکيون شيون آهن، هڪ ڪيميائي مرڪب بريم سالفٽ جو گهڻو گڏيل استعمال ۽ ٻيو بريم اسفالٽ جي حجم جا مختلف ذرا.
ان حوالي سان ڪجهه وقت اڳ رنگ جي حوالي سان هڪ تحقيق جو نتيجو سامهون آيو آهي جنهن ۾ ماهرن چيو ته توهان کي ايئر ڪنڊيشنر جي ضرورت ان جي لاءِ پوندي آهي ڇو ته سج جي روشني عمارت ۽ ڀت کي گرم ڪندي آهي جنهن سان گهر جي اندر گرمي جو احساس وڌي ويندو آهي.
هنن جو چوڻ هو ته اهو رنگ ان ضرورت کي گهٽائي ڇڏيندو ڇو ته سج جي روشني کي موٽائي گهر جي گرمي پد کي گهٽائي ڇڏيندو جنهن سان توهان جو گهر ٿڌو رهندو.
اهو انفراريڊ تصوير ۾ ڄَمون رنگو نظر ايندو آهي جنهن جي ڪري اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اهو سڌي ريت سج جي روشني ۾ به ٿڌو رهندو آهي.
ماهرن جي تيم کي اميد آهي ته اهو رنگ مستقبل ۾ گهرن، ڇتين، ڀتين سميت گاڏين ۽ شاهراهن تي استعمال ڪيو ويندو جنهن جي مدد سان عمارت توڙي ٻين جاين تي وڌيڪ توانائي استعمال ڪرڻ ۽ ايئرڪنڊيشن جي طلب گهٽجي ويندي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔