پي سي بي جي محنت زيان، ڪرڪيٽ آسٽريليا طرفان به دوري تان هٿ کڻڻ جو امڪان

ڪينبرا : نيوزيلينڊ طرفان پاڪستان سان سيريز رد ڪرڻ کانپوءِ ڪرڪيٽ آسٽريليا طرفان به پاڪستان دوري تان هٿ کڻڻ جا واضح امڪان آهن.
18 ورهين کانپوءِ پاڪستان جي دوري تي پهتل نيوزيلينڊ جي ٽيم کي گرين شرٽس خلاف 3 ون ڊي ۽ 5 ٽي ٽوئنٽي ميچون کيڏڻيون هيون پر راولپنڊي ۾ ون ڊي سيريز جي شروعات کان ڪجهه وقت اڳ نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ پاڪستان جو دورو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪندي جواز ڄاڻايو ته سيڪيورٽي خدشن سبب اهو قدم کنيو ويو آهي.
نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ جي اهڙي فيصلي جتي قومي ڪرڪيٽرن ۽ پاڪستاني عوام کي مايوس ڪيو، اتي ئي وري مستقبل ۾ عالمي ٽيمن جي پاڪستاني دورن تي به سواليا نشان لڳي ويو ۽ انگلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ سميت ڪرڪيٽر آسٽريليا پڻ ان معاملي تي غور شروع ڪري ڇڏيو.
ذريعن دعويٰ ڪئي هئي ته انگلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ به پاڪستان جي دوري بابت خدشن جو شڪار آهي ۽ امڪان آهن ته انگلينڊ جي ٽيم ورلڊ ڪپ کان اڳ ٽي ٽوئنٽي سيريز کيڏڻ لاءِ پاڪستان جو دورو نه ڪندي.
انگلينڊ طرفان پاڪستان جو دورو نه ڪرڻ جي امڪانن تي اڳ ئي مايوسيءَ جو شڪار پاڪستانين کي هڪ ٻيو وڏو ڌڪ مستقبل ۾ آسٽريليا جي دوري جي حوالي سان لڳو آهي، ڇو ته ڪرڪيٽ آسٽريليا طرفان پڻ پاڪستان جي دوري تان هٿ کڻڻ جا چٽا امڪان آهن.
آسٽريلوي ٽيم آخري ڀيرو 1998 ۾ پاڪستان ۾ ايڪشن ۾ نظر آئي هئي ۽ ڪينگروز کي ايندڙ سال فيبروري، مارچ ۾ پاڪستان جو دورو ڪرڻو آهي پر نيوزيلينڊ طرفان پاڪستان جو دورو ختم ڪرڻ کانپوءِ خدشو ظاهر ڪيو پئي ويو ته جيڪڏهن انگلينڊ به ايندڙ مهيني پاڪستان اچڻ کان انڪار ڪيو ته ڪينگروز کي به سيريز نه کيڏڻ جو جواز ملي ويندو.
گذريل ڏينهن نيوزيلينڊ ميڊيا دعويٰ ڪئي هئي ته نيوزيلينڊ جي حڪومت کي پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ ٽيم خلاف ٿريٽ جو اطلاع فائيو آئيز طرفان ڏنو ويو هو، فائيو آئيز نيوزيلينڊ، آسٽريليا، ڪينيڊا، آمريڪا ۽ برطانيا تي ٻڌل انگريزي ڳالهائيندڙ جمهوري ملڪن تي ٻڌل انٽيليجنس شيئرنگ انتظام آهي، جيڪو سرد جنگ دوران سوويت يونين تي نظر رکڻ لاءِ قائم ڪيو ويو هو.
ذريعن موجب ان گروپ جو انگلينڊ ۽ آسٽريليا جي پاڪستان دورن تي اثرانداز ٿيڻ پنهنجي جاءِ تي پر ان ۾ بگ ٿري جو به وڏو ڪردار آهي.
انگلينڊ، ڀارت ۽ آسٽريليا تي ٻڌل بگ ٿري گروپ جو ڪرڪيٽ آسٽريليا تي دٻاءُ آهي ته پاڪستان جو دورو نه ڪيو وڃي، اهو ئي سبب آهي جو ڪينگروز طرفان پاڪستان جو دورو نه ڪرڻ جا امڪان واضح آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔