فائيو اسٽاراسپتالون نه کپن، مريضن کي علاج جون سھولتون ڏنيون وڃن: سنڌ ھاءِ ڪورٽ

ڪراچي: سنڌ ھاءِ ڪورٽ چيو آھي تھ حڪومت فائيو اسٽار اسپتال ٺاهي آهي ته اسان کي نه گهرجي، سڀني مريضن کي علاج جون سهولتون ڏيو، ننڍن علائقن ۾ ڏسو ته اسپتالن جي ڪهڙي حالت آهي، ڪٿي ائين ته ناهي جو ڪجهه ماڻهن کي سهولت ڏيڻ لاءِ سڄو انتظام ڪيو ويو آهي، ٻڌايو وڃي ته اين آءِ سي وي ڊي ۽ ضلعي اسپتالن جي بجيٽ ڪيتري آهي؟

سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان اين آءِ سي وي ڊي جي برطرف ڊاڪٽر جي درخواست تي ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏنا ويا. جسٽس صلاح الدين پنهور اسپتال جي وڪيل سينيٽر رضا رباني سان مخاطب ٿيندي چيو ته ٻين اسپتالن جو ڪهڙو ڏوهه آهي، اهي مثالي ڇو نٿا بڻايو؟ مطلب حڪومت سرڪاري اسپتالن کي بهتر ڪرڻ بدران اُنهن کي خانگائڻ تي ڌيان ڏئي رهي آهي، ڇا انڊس اسپتال زميني حقيقت ناهي؟ ڪٿي انڊس ۽ ڪٿي سول اسپتال، سٺي ڊاڪٽر کي 20 لک رُپيا پگهار ڇو نٿا ڏيو، پرائيويٽ پريڪٽس ڇو؟ رباني صاحب! توهان قانوندان ۽ قانونساز آهيو، ٻڌايو ته ڪهڙو قانون هجڻ گهرجي؟ عدالت اين آءِ سي وي ڊي ۾ ڊاڪٽرز جي پگهارن جا تفصيل طلب ڪري ورتا.

  • TA

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔