مير علي ۾ سڪيورٽي فورسز جوآپريشن، ٽي ٽي پي جو ڪمانڊر مارجي ويو

راولپنڊي : سڪيورتي فورسز اتروزيرستان جي علائقي مير علي ۾ آپريشن ڪري پابندي مڙهيل تنظيم تحريڪ طالبان پاڪستان جي ڪمانڊر صفيع الله کي ماري ڇڏيو، آءِ ايس پي آر موجب اتروزيرستان جي علائقي مير علي ۾ ڳجهي اطلاع تي آپريشن ڪيو ويو جنهن ۾ ٽي ٽي پي ڪمانڊر صفيع الله مارجي ويو، هٿيار ۽ بارودي مواد هٿ ڪيو ويو، آءِ ايس پي آر موجب، صفيع الله جو تعلق مير علي سان هو، دهشتگرد 4عورتن کي قتل ڪيو هو، 2020 ۾ ايف ڊبليو او جي انجنيئر کي به قتل ڪيو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔