ڪورونا وبا وڌيڪ 40مريضن کان حياتيون کسي ورتيون

اسلام آباد: ملڪ ۾ ڪورونا وائرس وگهي فوتگين جو سلسلو جاري آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 40 مريض حياتيون وڃائي ويٺا آهن. جڏهن ته 4 هزار 840 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.

ڪورونا جي چوٿين لهر دوران فوتين جي انگ ۾ وڌيڪ اضافو ٿي ويو آهي. سموري ملڪ ۾ وڌيڪ 40 مريض حياتيون وڃائي ويٺا آهن. جنهن کان پوءِ گڏيل فوتگين جو انگ 27 هزار 246 ٿي ويو آهي. ڪورونا هاڪاري ڪيسز جي شرح 4 اعشاريه 2 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي آهي.

اين سي او سي موجب پاڪستان ۾ ايڪٽو ڪيسز جو انگ 63  هزار 724 ٿي ويو آهي جنهن کان پوءِ گڏيل ڪيسز جو انگ 12 لک 26 هزار 8 تائين پهچي ويو آهي.

اين سي او سي جي انگن اکرن موجب پنجاب ۾ 4 لک 22 هزار 790، سنڌ ۾ 4 لک 50 هزار 787، خيبرپختونخواهه ۾ هڪ لک 71 هزار 388، اسلام آباد ۾ هڪ لک 4 هزار 242، بلوچستان ۾ 32 هزار 769 ڪيسز رپورٽ ٿيا. آزاد ڪشمير ۾ 33 هزار 787 ۽ گلگت بلتستان ۾ 10 هزار 245  مريض ڪورونا سبب متاثر ٿيا آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔