ملڪ ۽ قوم جي بهتري لاءِ احتساب جي عمل کي هڪ جهڙو بنائڻو پوندو: صادق سنجراڻي

ڪراچي:  سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي چيو آهي ته ملڪ ۽ قوم جي بهتري لاءِ احتساب جي عمل کي بهتر بنائڻو پوندو. جمهوريت قائم رهڻ سان ئي ملڪ ترقي ڪندو.

رپورٽ موجب سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي ڪراچي جي دوري تي پهتو جتي هن وفاقي محتسب اعليٰ غلام سرور ٿهيم سان ڪلفٽن ۾ سندس رهائشگاهه تي ملاقات ڪئي.

ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ احتساب جي عمل سميت مختلف  معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. ان موقعي تي سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي چيو ته ملڪ هاڻ ترقي جي رستي تي هلڻ شروع ٿي ويو آهي ان لاءِ جمهوريت قائم رهڻ تمام ضروري آهي.

صادق سنجراڻي وڌيڪ چيو ته ملڪ ۽ قوم جي بهتري ان ۾ ئي آهي ته پوري ملڪ ۾ احتساب جو هڪ جهڙو نظام لاڳو هجي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔